لاهور ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر بلوچ جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس مامو مارجي ويو

لاهور جي گرين ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي صدر عامر بلوچ جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس مامو مارجي ويو، جڏهن ته عامر بلوچ محفوظ رهيو.

لاهور جـِي گرين ٽائون جي باگڙيان واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي صدر عامر بلوچ جي گاڏي تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ عامر بلوچ جو مامو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته عامر بلوچ خوشقسمتي سان محفوظ رهيو.

عامر بلوچ جو چوڻ آهي ته هو صبح گرين ٽائون جي باگڙيان واري علائقي ۾ جيئن ئي پنهنجي دڪان تي پهتو ته قبضا مافيا مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندس مامو مارجي ويو.

عامر بلوچ جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ موٽرسائيڪل تي سوار هئا، پنجاب حڪومت قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*