سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي نااهلي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ 8 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، وزيراعظم جي نااهلي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ 8 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

تحريڪ انصاف لائيرز فورم جي اڳواڻ گوهر نواز سنڌو،  اسحاق ۽ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين وزيراعظم نواز شريف جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير کي بنيادي بڻائيندي سندس نااهلي بابت درخواستون داخل ڪرايون هيون.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ جي سفارش تي چيف جسٽس پاران ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 7 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا 7 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ، درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هئڻ يا نه هئڻ ۽ آئين ۾ نااهلي جي طريقيڪار سميت 3 رڪني بينچ پاران اٿاريل مختلف سوالن جو به جائزو وٺندي.

عدالت، اٽارني جنرل ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*