ٿر ۾ بک ۽ بيماري وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون ٻن مهينن دوران فوتين جو انگ 155 ٿي ويو

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، بک ۽ بيماري وگهي اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، جنهن بعد ٻن مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 155 ٿي ويو آهي.

ڇاڇري جي تعلقي اسپتال ۾ ڳوٺ ڀانڊا سندا جي رهواسي پورهيت ڪُونُو مينگهواڙ جي 5 ڏينهن جي ڌيءُ فوت ٿي وئي.

بک ۽ بيماري وگهي ڳوٺ ڪلڻهار مٺو جي پورهيت خالق نهڙي جي 9 مهينن جي ڌيءُ ساجده سول اسپتال مٺي ۾ دم ڏنو.

بک ۽ بيماري وگهي ٿر ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 155 ٿي ويو آهي پر سرڪار پاران موت تي ضابطي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*