ڪراچي جي احتساب عدالت اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم سميت 11جوابدارن تي فرد لاڳو

makhdoom-amin-fahim-reuters-670

ڪراچي جي  احتساب عدالت اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم سميت 11جوابدارن تي فرد لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

احتساب عدالت ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مخدوم امين فهيم، اياز خان نيازي، امين قاسم دادا ۽ سلمان غني سميت 11 جوابدارن تي هڪ ارب رپين جي ڪرپشن  ۾ ملوث هئڻ تي سندن  خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران مخدوم امين فهيم کانسواءِ سمورا جوابدار موجود هئا، جن فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

عدالت  جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*