ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيل خبر جو ڊي سي نوشهروفيروز نوٽيس وٺندي ڀريا سٽي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل ٻن نوجوانن جي رپورٽ طلب

bharia-charia11-9

ڀريا سٽي ويجهو ڳوٺ ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل ٻن نوجوانن جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيل خبر جو ڊي سي نوشهروفيروز نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،

ڀريا سٽي: ڳوٺ حسين ڪلهوڙو ۾ گهرن اندر زنجيرن سان جڪڙيل ٻن نوجوانن طارق علي ڪلهوڙو ۽ وحيد علي بابت ڪي ٽي اين نيوز تان خبر نشر ٿيڻ تي ڊي سي نوشهروفيروز ڊاڪٽر وسيم علي فوري طور نوٽيس وٺندي صحت کاتي جي ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس ڀريا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا کي ڳوٺ ۾ پهچي ذهني مريض نوجوانن جو طبي معائنو ڪن.

اسسٽنٽ ڪمشنر ڀريا محمد انور ميمڻ، ايم ايس اسپتال تعلقي ڀريا ڊاڪٽر نعيم احمد ميمڻ، ڊاڪٽر اياز علي ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ ۾ پهتي، مريضن کي ڏٺو.

ڊاڪٽر اياز علي ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو آهي ته سندن ڪنهن وڏي نفسياتي اسپتال ۾ علاج ممڪن آهي، هو ٺيڪ ٿي سگهن ٿا.

ان سلسلي ۾ مڪمل رپورٽ تيار ڪري ڊي سي حوالي ڪنداسين.

اي سي ڀريا ٻڌايو ته ڊي سي جي حڪم تي مريضن جو مڪمل طور علاج ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي، سندن علاج ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*