نائيجيريا ۾ مسجد اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ نمازي مارجي ويا

نائيجيريا ۾ مسجد اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ نمازي مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،واقعي جي ذميواري ڪنهن به تنظيم ناهي قبولي جڏهن ته پوليس پاران شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته حملو شدت پسند تنظيم بوڪوحرام پاران ڪيو ويو آهي.

نائيجيريا جي اترئين شهر ڪانو جي سڀ کان وڏي مسجد ۾ 3 بم ڌماڪن کانپوءِ هٿياربندن مسجد اندر داخل ٿي نمازين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اختيارين جو چوڻ آهي ته انهيءَ مسجد ۾ ڪانو شهر جو امير نماز پڙهڻ لاءِ ايندو هو جنهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ مسجد ۾ ڌماڪا ڪيا ويا ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪانو جي امير سنوُسي لميڊو سنوسي شدت پسند تنظيم داعش خلاف شهرين کي هٿيار کڻڻ لاءِ چيو هو.

اختيارين موجب ڌماڪن وقت امير مسجد اندر موجود نه هيو تنهن ڪري هو محفوظ رهيو.

ڌماڪن کانپوءِ فوري طور ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو،واقعي جي ذميواري ڪنهن به تنظيم ناهي قبولي.

واضع رهي ته نائيجيريا ۾ اسلامي شدت پسند تنظيم بوڪوحرام ڪيترائي بم ڌماڪا ڪري چڪي آهي جنهن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ انساني جانيون ضائع ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*