نوشهري فيروز خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لا پيٽ سان سرون ٻڌي پير ۽ پٽا اگهاڙا ڪري احتجاجي مظاهرو

food-protest-12-9

 نوشهري فيروز خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لا پيٽ سان سرون ٻڌي پير ۽ پٽا اگهاڙا ڪري آفيسن تي ڪارا جهنڊا چاڙهڻ بعد احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

ملازمن  محمد يونس، راجا لنڊ، محمد گوپانگ، زبير راڄپر، نويد عمراڻي، محمد قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيٽ سان سرون ۽ پٿر ٻڌي فوڊ گودام کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي .

هنن چيو ته هڪ طرف آفيسرن چور دروازي نه صرف پنهنجا پٽ ۽ رشتيدار ڀرتي ڪيا پر بلوچستان جي رهواسين سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪوڙن ڊوميسائلن تي نوڪريون ڏنيون جيڪي انٽرويو ۾ به نه ويٺا هئا.

هنن چيو ته جيڪب آباد جي ملازمن جون پگهارون ۽ ڊفرنسي رقم ڦٻائيندڙ ڪامورن کي سروس ٽربيونل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي باوجود ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ناهي ٿي نه وري ملازمن کي پئسا ڏياريا ويا.

 متاثرن  چيو ته هڪ طرف سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ڪرپشن جي خاتمي جا اعلان ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ننڍن ملازمن سان زيادتيون جاري آهن، ستن سالن کان فوتي ڪوٽا، گروپ انشورنس فنانس اسسٽنٽ جون رقمون جاري ڪرڻ تي غير اعلانيه پابندي آهي.

 هنن اعلان ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سروس ٽربيونل ۽ حڪومتي فيصلن تي عمل نه ٿيڻ خلاف سومر ڏينهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪرپٽ ڪامورن جا علامتي جنازا کڻي احتجاج ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*