جوهي ۾ ٽي ايم او جوهي ۽ ڊي سي دادو جي بدلي خلاف احتجاجي مظاهر،پ پ شهيد ڀٽو جو مظاهرو

johi-protest

جوهي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جَي ڪارڪنن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سياسي سماجي تنظيمن ٽي ايم او جوهي ۽ ڊي سي دادو جي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا.

پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن سجاد رودناڻي ۽ صدام سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو پر 24 سال گذرڻ باوجود قاتلن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

ٻئي طرف ٽي ايم او محمد حسن ملاح ۽ ڊي سي دادو زبير احمد چنه  جي بدلي خلاف شهرين، دوڪاندارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن بلاول پارڪ کان قربان کوکر ۽ امين وگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ٽي ايم او محمد حسن ملاح جي بدلي بعد شهر ٻيهر گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پر احتجاجن باوجود ڪوبه نوٽيس نه پيو ورتو وڃي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽي ايم او جوهي جي حمايت ڪرڻ تي ڊي سي دادو زبير احمد چنه کي به بدلي ڪرايو ويو، ٻنهي آفيسرن جي بحاليءَ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*