ذوالفقار مرزا ۽ سندس 19 ساٿين خلاف 30 سيپٽمبر تي فرد جرم

dr-zulfqar-marza

ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ذوالفقار مرزا ۽ سندس 19 ساٿين خلاف  30 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته آصف زرداري جو مفاهمتي فارمولا ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ رڪاوٽ هو ۽ مڪاني چونڊن  ۾ آصف زرادري جي حامي اميدوارن کي شڪست ملندي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي چالان ۽ شاهدن جي بيانن جون ڪاپيون فراهم ڪيون، عدالت چيو ته ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين خلاف 30 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته نيب پراڻا ڪيس کوليا پر وڏن چورن ۾ هٿ نه وڌا آهن ۽ جيڪڏهن نيب کي گرفتاريون ڪرڻيون آهن ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪري.

ذوالفقار مرزا چيو ته علي نواز شاهه ايماندار ماڻهو آهي هو سندس گرفتاري جي مذمت ڪري ٿو.

هن چيو ته آصف زرداري جو مفاهمتي فارمولا ڏوهارين خلاف ڪارروائي ۾ رڪاوٽ هو ۽ مڪاني چونڊن  ۾ آصف زرادري جي حامي اميدوارن کي شڪست ملندي.

ذوالفقار مرزا  چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ميدان خالي نه ڇڏبو ۽ بدين ضلعي ۾ سمورين سيٽن تي اميدوار بيهاريا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*