گڏجي تبديليءَ لاءِ جاکوڙ ڪيون ۽ ناڪام ٿيڻ تي به پنهنجي ايندڙ نسلن کي اهو چئي سگهون ته اسان ڪوشش ضرور ڪئي؛علي قاضي

ali-Qazi12-9

 تبديلي پسندن جي سرواڻ ۽ سينئر صحافي علي قاضي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ تبديليءَ لاءِ ٻه آپشن موجود آهن، هڪ يا ته خاموش ٿي ويهي رهون ۽ ان جا جواز ڏيون ۽ ٻيو اهو ته گڏجي تبديليءَ لاءِ جاکوڙ ڪيون ۽ ناڪام ٿيڻ تي به پنهنجي ايندڙ نسلن کي اهو چئي سگهون ته اسان ڪوشش ضرور ڪئي.

اهڙو اظهار هن نوشهروفيروز ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب دوران ڪيو.

علي قاضي چيو ته سنڌ جا ڪروڙين نه پر رڳو ڪجهه لک ماڻهو ڀوتارڪي سوچ سامهون بيهي رهن ته ڪو به  ڀوتار سندن سامهون نه اچي سگهندو. ماڻهن کي ڀوتارڪي ڊپ سان گڏ دل ۾ ناڪامي جو خوف به آهي، جنهن کي دلين مان ڪڍڻو پوندو. اسان جواز ڳولڻ بدران هڪ ٿي بيهي رهون ته

 سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هليا وڃون انهن جي حالتن اڻويهه ويهه جي فرق سان ساڳي آهي سنڌ جا ماڻهو اڄ به صحت،تعليم سميت بنيادي سهولتن کان محروم آهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن نوشهروفيروز پاران ڏنل آجياڻي دوران ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن وٽ ٻه آپشن موجود آهن پهريون اهو آهي ته خاموش ٿي ويهي رهون ۽ ڪجهه نه ڪرڻ لاءِ رڳو جواز ڏيون يا وري گڏ ٿي تبديلي لاءِ ڪوششون ڪريون.

 هن چيو ته اسان جواز ڳولڻ بجاءِ هڪ ٿي بيهي رهون ته تبديلي ۽ بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ جا ڪروڙين نه پر رڳو ڪجهه لک ماڻهو ڀوتارڪي سوچ سامهون بيهي رهن ته ڪوبه ڀوتار سندن سامهون اچي نه سگهندو. هن چيو ته ماڻهن کي ڀوتارڪي ڊپ سان گڏ  دل ۾ ناڪامي جو ڊپ پڻ آهي جنهن کي دلين مان ڪڍڻو پوندو هن چيو ته اسان ڪوشش ڪيون يا هٿ تي هٿ رکي ويهي رهون اهو اسان جو حق آهي ته ڪهڙو فيصلو ڪيون ٿا پر جيڪڏهن ناڪامي جي ڊپ کان خاموش ويهي رهياسين ته اهو نه رڳو پاڻ سان پر ايندڙ نسل سان پڻ زيادتي هوندي اسان ڪوشش ڪيون جيڪڏهن ناڪام به ٿياسين ته ايندڙ نسل کي اهو ته چئي سگهنداسين ته اسان ڪوشش ڪئي. هن چيو ته هڪ ٽي ايم او چاهي ٿو ته شهر بهتر ٿي وڃي ٿو، هڪ ايم ايس چاهي ٿو ته اسپتال جو نظام سڌري وڃي ٿو، هڪ ايس ايس پي چاهي ٿو ته ضلعي ۾ امن اچي وڃي ٿو ته جيڪڏهن هڪ وڏو وزير بهتر ڪم ڪندو ته صوبو بهتر ڇو ڪونه ٿي سگهندو ؟ هن چيو ته اگر سنڌ جا ماڻهو اهو فيصلو ڪري وٺن ته هو ووٽ جو درست نموني ڪنهن پير،مير ۽ ڀوتار جي چٺي بجاءِ تبديلي لاءِ استعمال ڪندا ته يقين تبديلي اچي ويندي. هن چيو ته ماڻهو تبديلي آڻين ٿا يا نه اها انهن جي مرضي پر اهي تبديلي آڻي ته سگهن ٿا ! هن چيو ته جنهن ڏينهن قانون جي حڪمراني هوندي ان ڏينهن يقين وڏي تبديلي اچي ويندي ۽ منهنجي خواهش آهي ته مان اها تبديلي پنهنجي زندگي ۾ اوهان سڀني سان گڏ  ڏسان. ان موقعي تي علي قاضي وڪيلن اشفاق تڳر،سڪندر سومرو،عبدالسلام لهراڻي،طارق احمد ۽ ٻين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالسلام لهراڻي خطاب ڪندي علي قاضي سميت مهمانن کي بار اچڻ تي ڀليڪار چيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*