پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سيد علي نواز شاهه کي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي کي پ پ تي حملو قرار

ppp-council12-9

پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سيد علي نواز شاهه کي سزا ٻڌائڻ واري فيصلي کي پ پ تي  حملو قرار ڏنو ويو، وڏي وزير چيو آهي ته اپيڪس ڪميٽي جو ميمبر هئڻ باوجود کيس گرفتارين کان لاعلم رکيو پيو وڃي، جڏهن ته اڪثر ميمبرز  وزيرن تي سخت ڪندي چيو آهي ته اهي عوام ته ڇا پر ڪارڪنن سان به نٿا ملن.

سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدرسيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين جو جائزو وٺڻ سان گڏ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس دوران سيد علي نواز شاهه جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ان کي پ پ مٿان وار قرار ڏنو ويو.

وڏي وزير قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن کان اڳ سينيئر اڳواڻن جي گرفتاري چونڊ مهم کي متاثر ڪرڻ جي سازش آهي.

هن چيو ته اپيڪس ڪميٽي جو ميمبر هئڻ باوجود کيس گرفتارين بابت بي خبر رکيو وڃي ٿو.

اجلاس ۾ مڪاني چونڊون ڀرپور نموني وڙهڻ جو فيصلو ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ۽ اڳوڻن وزيرن کي ضلعي سطح تي ايڊجسٽ ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ مڪاني چونڊن بابت حڪمت عملي تيار ڪندي اميدوارن کي 24 سيپٽمبر تي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شريڪ ميمبرز جي  اڪثريت  وزيرن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته انهن مان ڪجهه ڪراچي ۽ ڪجهه دبئي ۾ ويٺل آهن.

هنن چيو ته وزير عوام ته ڇا پر ڪارڪنن سان به نٿا ملن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هي وقت پنهنجن تي تنقيد جو نه پر چونڊن جي تياري جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*