نوابشاهه ۾ ڳوٺ محمود مگسي جي رهواسين نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

nawabshahprotest12-9

نوابشاهه ۾ ڳوٺ محمود مگسي جي رهواسين نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

نوجوان جعفر مگسي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سندس پي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته جعفر مگسي جي قتل واري واقعي کي 5 ڏينهن گذري وريا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتا ر ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*