اليڪشن ٽربيونل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 122 تي مبينا ڌانڌلين خلاف درخواست تي عمران خان کي 6 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو

لاهور جـَي اليڪشن ٽربيونل، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلين خلاف درخواست تي عمران خان کي 6 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي، شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته تڪ تي  نواز ليگ جا پرزائيڊنگ آفيسر جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪرڻ تي کين ٻاهر ڪڍيو ويو.

لاهور جي اليڪشن ٽربيونل ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڪاميابي خلاف تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران، عمران خان جي 6 پولنگ ايجنٽس اليڪشن ٽربيونل آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته نواز ليگ سان واسطو رکندڙ پرزائيڊنگ آفيسر تڪ تي سرعام ڌانڌليون ڪرائي رهيا هئا ۽ پولنگ اسٽيشن تي جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا.

شاهدن ٻڌايو ته جڏهن ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي ته کين پولنگ مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ سرڪاري فارم پڻ نه ڏنو ويو، بيلٽ پيپر تي ٿيندڙ ڪائونٽر صحيحون به چيڪ نه ڪيو ويون.

شاهدن بيان رڪارڊ ڪرائيندي وڌيڪ چيو ته تڪ تي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، اليڪشن جو عملو به ڌانڌلي ڪرائڻ ۾ ملوث آهي.

اليڪشن ٽربيونل، شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي 6 ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*