جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

جـَي يـُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته کين پر امن رهڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، رياست واقعي جي ذميواري قبول ڪري يا قاتل سندن حوالي ڪري.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته  هـُو وڏي اڳواڻ کان محروم ٿي ويا آهن، ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي قتل خلاف سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، ڪارڪن ٻاهر نڪرن ۽ رستا بند ڪري ڇڏين.

هن چيو ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري پوري ناهي ڪئي، لڳي رهيو آهي ته رياست کين تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، رياست واقعي جي ذميواري قبول ڪري يا قاتل سندن حوالي ڪري.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ اندر قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر ٻڌايو وڃي ته ملڪ ۾ ڪهڙو قانون آهي، حڪومت ۽ رياست بي وس نظر اچي رهيون آهن، هو بي وس رياست کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪو به وقت نٿا ڏين.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي جشن ملهائڻ جو حق آهي ته خـُون تي هو به احتجاج جو حق رکن ٿا.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته سکر ۾ جي يو آءِ جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، جنهن بعد اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*