ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت واري هنڌ جي جائزي کانپوءِ فارينزڪ ٽيم آڱرين جا نشان ملڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت واري هنڌ جي جائزي کانپوءِ فارينزڪ ٽيم آڱرين جا نشان ملڻ واري امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته واقعي واري هنڌ کي جيئن ته محفوظ نه ڪيو ويو، تنهنڪري آڱرين جا نشان ملڻ ممڪن نه آهي.

لاڙڪاڻي مان آيل خُصوصي فارينزڪ ٽيم اُن مدرسي جو دورو ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي جلسي کانپوءِ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ترسيل هو ۽ اڄ صبح جو نماز جي ادائيگي وقت قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو.

فارينزڪ ٽيم جي هڪ اهلڪار ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي واري هنڌ جي جائزي مان ايئن لڳي رهيو آهي ته حملو ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ جوابدار هئا ۽ ايئن به لڳي ٿو ته انهن برسٽ هلايو هوندو.

فارينزڪ ٽيم جو چوڻ هو ته ڀت ۾ لڳل ٻه رت هاڻيون گوليون ته ڪڍيون ويون آهن پر انهن سان به فنگر پرنٽس تائين پهچڻ جي حوالي سان ڪا مدد نه ملي سگهندي.

لاڙڪاڻي کان آڳاٽي هجڻ باوجود سکر ڊويزن ۾ فارينزڪ جهڙو اهم شعبو نه آهي ۽ ماهرن جي ٽيم کي خاص طور تي لاڙڪاڻي مان گهرائي سکر جي سائيٽ واري علائقي جي ان مدرسي ۾ ڏوهه واري هنڌ تي آندو ويو، جتي اڄ صبح جو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهادت جو جام نوش ڪيو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو نه رڳو جي يو آءِ جو سرگرم ۽ مرڪزي اڳواڻ هو پر زبردست قومپرست هجڻ سبب سندس مقبوليت جو گراف ڪنهن به عام مذهبي شخصيت کان گهڻا درجا بُلند هو، اهو ئي سبب آهي ته سندس شهادت جي خبر سڄي سنڌ تي وڄ وانگي ڪڙڪي آهي ۽ لڳ ڀڳ سمورا ننڍا وڏا شهر بند ٿي ويا آهن يا وري ڪيترن ئي شهرن ۾ سخت احتجاج ٿيا آهن، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي سوڳوار گهڻ گهرين مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*