نواز ليگ ايم اين اي اعجاز چوڌري تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ڇڏيو

نواز ليگ ايم اين اي اعجاز چوڌري، تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اعجاز چوڌري ڪجهه دير ۾ عمران خان ملاقات کانپوءِ شموليت جو باضابطه اعلان  ڪندو.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان شيرين مزاري موجب، نواز ليگ ايم اين اي اعجاز چوڌري پي ٽي آءِ جي قيادت سان ملاقات ڪري شموليت جي خواهش ظاهر ڪئي.

شيرين مزاري موجب، اعجاز چوڌري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪرڻ  کانپوءِ پريس ڪانفرنس ذريعي باضابطه شموليت جو اعلان ڪندو.

اعجاز چوڌري، منڊي بهاءُ الدين جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 108 تان آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيو هو، جنهن بعد هن ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*