شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻه سال اڳ ڀنگ وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي

شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻه سال اڳ  ڀنگ وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج محمد اقبال آرائين مغوي مظهر بروهي جي آزادي لاءِ ڀنگ وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدر شيرل شاهه کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

سزا کائيندڙ جوابدر شيرل شاهه 2 سال اڳ اغوا ڪيل شهري مظهر بروهي جي آزادي لاءِ 5 لک رپيا ڀنگ ورتو هو.

شهري مظهر عباس کي 2 سال اڳ سلطان ڪوٽ ڀرسان اغوا ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار ذوالفقار ۽ ممتاز بروهي رپوش آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*