اعجاز چوڌري کي چڱي نموني سڃاڻي پڪ ٿي آهي ته هو رشوت ڏئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هوندو نواز ليگ ترجمان

نواز ليگ جي ترجمان عاصم نيازي چيو آهي ته هو اعجاز چوڌري کي چڱي نموني سُڃاڻي کيس پڪ آهي ته هو رشوت ڏئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هوندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مشاهد الله چيو ته 900 جعلي ويزائون جاري ڪرڻ تي اعجاز چوڌري جي ڪمپني کي ڪويت ۾ بليڪ لسٽ ڪيو ويو.

هن چيو ته اعجاز چوڌري جي ڪويت ۾ جعلي ويزائن سبب ڪويت ۾ داخلا تي پابندي آهي.

هن چيو ته عمران خان اعجاز چوڌري کان وضاحت طلب ڪري ۽ قوم کي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ ۾ رڳو جعلي ڊگريون رکندڙن ۽ جعلسازن کي ڇو ٿو شامل ڪيو وڃي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*