اعجاز چوڌري عدالتي فيصلي جي خوف کان پارٽي تبديل ڪئي آهي پرويز رشيد

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اعجاز چوڌري جي شموليت سان عمران خان جي ٽوڪري ۾ گندي آني جي واڌ ٿي آهي، اعجاز چوڌري عدالتي فيصلي جي خوف کان پارٽي تبديل ڪئي آهي.

اعجاز چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت رد عمل ظاهر ڪندي پرويز رشيد چيو ته اعجاز چوڌري جي شموليت مان ظاهر ٿي ويو ته عمران خان کي اهڙن ئي ماڻهن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته عمران خان جي ٽوڪري اڳ ئي گندن آنن سان ڀريل آهي پر اعجاز چوڌري جي شموليت سان گندي آني ۾ واڌ ٿي آهي.

پرويز رشيد چيو ته ن ليگ اعجاز چوڌري کي ٽڪيٽ نه ڏني هئي، اعجاز چوڌري آزاد حيثيت جي ڪامياب ٿي ن ليگ ۾ شامل ٿيو هو.

وفاقي وزير پرويز رشيد  وڌيڪ چيو ته اعجاز چوڌري کي جعلي ڊگري سبب نااهل قرار ڏنو ويو هو، هـُو اسٽي تي هلي رهيو آهي، اعجاز چوڌري خلاف جلد فيصلو اچڻو هو، جنهن سبب هن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*