موجوده حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي عمران خان

منڊي بهاءُ الدين مان چونڊيل نواز ليگ جي ايم اين اي اعجاز چوڌري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استيعفيٰ ڏيڻ بعد تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڌانڌلين جي پيدوار آهي، اعجاز چوڌري اڄ ڪنٽينر ۾ پهچي ڌانڌلي ذريعي چونڊيل حڪمرانن جا پول پڌرا ڪندو.

اسلام آباد ۾ عمران خان سان ملاقات بعد نواز ليگ ايم اين اي اعجاز چوڌري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي باضابطه طور تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان  ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعجاز چوڌري چيو ته هـُو اڄ عمران خان سان گڏ ڪنٽينر تي اچي سمورين حقيقتن تان پردو کڻندو.

اعجاز چوڌري چيو ته هن ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ سياست ناهي ڪئي، هميشه عوام جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، منڊي بهاءُ الدين ۾ آيل تاريخي ٻوڏ دوران به هن عوام سان گڏجي ڪم ڪيو.

عمران خان جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڌانڌلي جي پيدوار آهي، نواز شريف رڳو پنهنجي درٻارين کي نوازي رهيو آهي، جـِي حـُضوري ڪندڙن کي اڳتي آندو پيو وڃي.

عمران خان چيو ته هن چيني سفير آڏو واضح ڪيو هو ته چين دوست ملڪ آهي، چيني صدر پاڪستان آيو ته سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي پر کين شڪ هو ته ڪوئلي جي ڪجهه منصوبن ۾ ن ليگ پنهنجي ماڻهن کي نوازي رهي آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته مريم نواز کي 100 ارب رپين جي فنڊ تي ويهاريو ويو، شريف ڀائر ملڪ نه پر بزنس هلائي رهيا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته عوام جي مسئلن جو حل  صرف مڪاني نظام ۾ ئي آهي، مڪاني نظام  ذريعي عوام کي پنهنجي گهرن تائين حق ملي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*