لوڊشيڊنگ جو عذاب پنهنجي حڪومتي دور ۾ ختم ڪري ڇڏينداسين وزيراعظم نواز شريف

پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۽ جلسن نيٺ نواز ليگ سرڪار کي جلسن واري سياست ۾ لاهي وِڌو، حويليان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ انهن تي سڀاڻي کان عمل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڌرڻي وارا حويليان ۾ اچي ڏسن ته عوام جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ڇا کي چئبو آهي.

حويليان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي خبر نه آهي ته اُها ڪي پي ڪي کي  ترقي وٺرائيندي يا نه پر اسان نئين خيبر پختونخواهه جو اڄ کان بنياد رکي رهيا آهيون.

ميان نواز شريف 33 ارب رپين جا مختلف منصوبا حويليان ۽ ڀرپاسي وارن شهرن جي ترقي تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

نواز شريف جو چوڻ آهي ته هو حويليان جي ماڻهن سان ڪيل واعدو پاڙڻ حويليان آيو آهي، هن چيو ته حويليان ۾ ريلوي ٽريڪ، يونيورسٽي ۽ موٽر وي ٺاهيو ويندو، جيڪو حويليان کي سڄي ملڪ سان ملائي ڇڏيندو.

هن چيو ته کيس خدشو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ خوشحالي لاءِ شروع ڪئي ويندڙ ٻين منصوبن خلاف به ڌرڻا لڳڻ نه شروع ٿي وڃن.

نواز شريف چيو ته هو قوم سان واعدو ڪري رهيو آهي ته لوڊ شيڊنگ جو عذاب هو پنهنجي حڪومتي دور ۾ ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اهڙي دعويٰ هو ان ڪري ڪَري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته چين پاڪستان جو بهترين دوست ملڪ آهي ۽ پاڪستان اڪيلي سر اهو انقلاب نه ٿو آڻي سگهي، هن تازو چين سان 40 ارب ڊالرز جي مختلف منصوبن تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن سان بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي ويندي.

نواز شريف چيو ته حويليان مان موٽر وي مرگله جي جبلن کي ڪٽيندو اسلام آباد ويندو، جڏهن ته ايندڙ مهيني لاهور کان ڪراچي تائين موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

وزير اعظم وڌيڪ چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ عوام ڌرڻي وارن کي رد ڪري ڇڏيندو ۽ اهي واش آئوٽ ٿي ويندا.

وزير اعظم جلسي ۾ اعلان ڪيو ته سڀاڻي کان پئٽرول سڀاڻي کان پيٽرول جي في ليٽر ۾ 9 رپيا 66 پئسا گهٽتائي آندي ويندي، جڏهن ته گاسليٽ 4 رپيا 24 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا 12 پئسا سستو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

وزير اعظم پنهنجي خطاب ۾ هاءِ آڪٽين کي 10 رپيا 18 پئسا سستو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته کيس اميد آهي ته ڌرڻي وارا ان تي اعتراض نه ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*