رتيديري ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت مارجي ويو

رتيديري ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت مارجي ويو آهي، پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ هڪڙا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار آهي.

لاشاري- رتوديرو روڊ تي هڪڙا پل وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر پنهنجا جو رهواسي ڳوٺاڻو عبدالستار بروهي مارجي ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقا اسپتال پهچايو، جتان ضروي ڪارروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب هڪڙا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪئي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*