پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ خلاف قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي نيوزيلينڊ خلاف ٽي-ٽوئنٽي ۽ ٻن ون ڊي ميچز جي لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فاسٽ بالر عمر گل جي ٻنهي فارميٽ جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته يونس خان کي ٽيسٽ ميچز ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي ون ڊي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي ٽي-ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي.

هلندڙ سال بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ فواد عالم ۽ نوجوان بيٽسمين عمر امين کي ٻنهي فارميٽ جي ٽيمز ۾ جڳي نه ملي سگهي آهي.

ٽي-ٽوئنٽي جي 14رڪني ٽيم ۾ شاهد آفريدي ڪپتان، احمد شهزاد، محمد حفيظ، اويس ضياءِ، حارث سهيل، سعد نسيم، عمر اڪمل، وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد، سهيل تنوير ، رضاحسن ، محمد عرفان، وهاب رياض۽ عمر گل شامل آهن.

پاڪستان جي 16 رڪني ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت مصباح الحق ڪري رهيو آهي، جڏهن ته رانديگرن ۾ محمد حفيظ، احمد شهزاد، ناصر جمشيد، يونس خان، اسد شفيق،عمر اڪمل، حارث سهيل، سرفراز احمد، شاهد آفريدي ، سهيل تنوير، محمد عرفان، وهاب رياض، ذوالفقار بابر ،بلاول ڀٽي۽ عمر گل ٽيم جو حصو آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*