ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس ترڪي جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو

ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس ترڪي جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو، پوپ فرانسس چيو آهي ته اسلام کي تشدد سان ڳنڍڻ وارو درست ناهي، اسلام هڪ امن پسند مذهب آهي.

ترڪي جي دوري دوران پوپ فرانسس مختلف مذهبن جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڀريندي سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙن کي امن ۽ شانتي سان رهڻ جي اپيل ڪئي.

ترڪي کان واپسي تي جهاز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پوپ فرانسس چيو ته اسلام هڪ امن پسند مذهب آهي ۽ قران امن جو درس ڏيندڙ آسماني ڪتاب آهي.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو اولهه ملڪن ۾ ويهي اسلامو فوبيا جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ هر قسم جي تشدد کي اسلام سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي ڀليل آهي.

پوپ فرانسس چيو ته هن استنبول جي مفتي اعظم سان گڏجي دنيا ۾ امن لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي روحاني شخصيتن هڪ ٻئي لاءِ به دعائون ڪيون، جن جي کيس سخت ضرورت هئي.

واضح رهي ته 2006 ۾ ان وقت جي پوپ بينِڊڪٽ اسلام بابت تڪراري بيان ڏنو هو، جنهن تي سڄي دنيا ۾ سندس خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*