پاڪستان ۽ ڀارت جا فنڪار ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا

پاڪستان ۽ ڀارت جا فنڪار ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن، ڀارتي شهر امرتسر ۾ ٻنهي ملڪن جي فنڪارن گڏيل طور فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

عثمان پيرزاده جي اڳواڻي ۾ 41 فنڪارن تي ٻڌل پاڪستاني وفد گذريل ڏينهن واگها بارڊر رستي ڀارتي پنجاب پهتو ۽ امرتسر ۾ سانجهه نالي پرگرام ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران ڳالهائيندي ڀارتي پنجاب جي گورنر شِوِراج پاٽِل چيو ته ماڻهو پڇندا آهن ته پاڪ ڀارت امن ڪيئن ممڪن آهي، اهي ماڻهو ڏسي وٺن ته هن طريقي سان ئي ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي جي ويجهو اچي سگهي ٿو.

ٻنهي ملڪن جي فنڪارن جو به اهو چوڻ هو ته فن ۽ موسيقي ذريعي نفرتن جو خاتمو آڻي ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*