نوري آباد ويجهو هٿ آيل ٻن لاشن مان هڪ جي سڃاڻپ جسمم ڪراچي اڳواڻ سرويچ پيرزادو طور ٿي وئي

سنڌ ۾ وڏي عرصي کان قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، نوري آباد ويجهو هٿ آيل ٻن لاشن مان هڪ جي سڃاڻپ جسمم ڪراچي جي اڳواڻ سرويچ پيرزادو طور ٿي آهي.

نوري آباد ويجهو ٻن نوجوانن جا لاش هٿ آيا، جن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن هڪ ڄڻي جي ٻلهڙيجي واسي جسمم ڪراچي جي اڳواڻ سرويچ پيرزادو طور ٿي آهي.

سرويچ پيرزادو کي 11سيپٽمبر تي ڪراچي جي صدر واري علائقي مان کان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن جو اڄ وحشياڻي نموني تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 نومبر تي ٻڌني دوران سرويچ پيرزادو کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ڊاڪٽر خالد محمود سومري ۽ قومپرست ڪارڪنن جي قتل خلاف ٻن ڏينهن کان سنڌ ۾ ڪاروبار بند آهي ان باوجود قومپرست ڪارڪنن جا لاش ملڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي.

Comments

  1. Saqi
    Saqi 1 December, 2014, 19:44

    KTN News is best channel of Sindh. I like this & watching it interestly….

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*