جيڪب آباد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي پنهنجي نوجوان ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي پنهنجي نوجوان ڌيءُ قتل کي ڪري ڇڏيو آهي.

 ڳوٺ الله بخش پٺاڻ ۾ جوابدار پير محمد سولنگي پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڌيءُ اربي سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارنهن الزام مڙهي ڌيءُ کي قتل ڪيو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*