لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ 15 ڊسمبر تي بند لفافي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ 15 ڊسمبر تي بند لفافي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس خالد محمود ريمارڪس ۾ چيو آهي ته حڪومت جو رڪارڊ آهي ته اهڙيون رپورٽ محفوظ ناهي ڪندي، اعليٰ عدليه جي ججز کي جوڊيشل ڪميشن يا ٽربيونل ۾ شامل ڪرڻ عدليه جي آزادي جي خلاف آهي.

ماڊل ٽائون سانحي جي انڪوائري رپورٽ پڌري نه ڪرڻ ۽ اعليٰ عدليه جي ججز کي ڪميشن يا ٽربيونل ۾ شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي جسٽس خالد محمود جي سربراهي ۾ ٽي رڪني فل بينچ ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران جسٽس خالد محمود پڇاڻو ڪيو ته ڇا اعليٰ عدليه جي ججز  کي جوڊيشل ڪميشن يا ٽربيونل ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟، جنهن تي درخواستگذار چيو ته اعليٰ عدليه جي ججز کي ٽربيونل يا ڪميشن ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ناهي.

درخواستگذار چيو ته ججز کي ٽربيونل يا ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري عدليه جي توهين آهي.

جسٽس خالد محمود ريمارڪس ڏنا ته اعليٰ عدليه جي ججز کي جوڊيشل ڪميشن يا ٽربيونل ۾ شامل ڪرڻ عدليه جي آزادي جي خلاف آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ ڪٿي آهي، اها پڌري ڇو ناهي ڪئي وئي، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کان مهلت طلب ڪندي چيو ته کيس هدايتون وٺڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

جسٽس خالد محمود ريمارڪس ڏنا ته حڪومت جو رڪارڊ آهي ته اهڙيون رپورٽس محفوظ ناهن هونديون، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ به غائب نه ٿي وڃي.

عدالت، ماڊل ٽائون سانحي جي بند لفافي ۾ بند ڪري پيش ڪرڻ ۽ ماڊل ٽائو سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ بابت پنجاب حڪومت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ خط ذريعي ٿيل لکپڙهه جو رڪارڊ 15 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*