اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نااهلي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي نااهلي بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ڪاسي جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ آصف علي زرداري جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ عدليه جي توهين ڪئي هئي، هن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي جاهل قرار ڏنو هو، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي 27 نومبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي دستاويز نه هئڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*