خالد محمود سومرو جو قتل سڀني لاءِ وڏو سانحو آهي مولانا فضل الرحمان

جـَي يو آءِ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ۽ مولانا فضل الرحمان تي حملن خلاف 5 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾  مظاهرن ۽ پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ وڏي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خالد محمود سومرو جو قتل سڀني لاءِ وڏو سانحو آهي،  رياست  رڳو طالبان کي دهشتگرد قرار ڏئي پنهنجو فرض پورو نٿي ڪري سگهي.

سکر ۾ جي يو آءِ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا غفور حيدري چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي شهادت ۽ مولانا فضل الرحمان تي حملي خلاف 5 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

هن چيو ته 20 ڊسمبر تي سنڌ جي صوبائي هيڊڪوارٽرز ۾ جلسا ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا ،جڏهن ته 20 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آمريڪا 2001 کان مذهبي دنيا کي نشانو بڻائي رکيو آهي، هن اڳ ئي چيو هو ته هي جنگ آمريڪا جي آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو قتل سڀني لاءِ وڏو سانحو آهي، هو قاتلن جي پٺيان نٿا ڊوڙي سگهن، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.

هن چيو ته رڳو القاعده يا طالبان سميت ٻين تنظيمن کي دهشتگرد قرار ڏئي رياست پنهنجي ذميواري پوري نٿي ڪري سگهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته خالد محمود سومرو جي قتل واري معاملي تي رڳو وزير اعظم نه پر عسڪري قيادت سان به ڳالهايو وڃي ته جيئن معاملي جو اعليٰ سطح تي نوٽيس وٺي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*