ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ٽيجهي واريون رسمون اڄ لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون پيون وڃن

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ٽيجهي واريون رسمون اڄ لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون پيون وڃن، قتل جي جاچ ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو وارثن سان ملاقات ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون.

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ٽيجهي واريون رسمون اڄ لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون پيون وڃن، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهزيار مهر ٽيجي واري رسم ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خالد محمود سمورو جي قتل جو اسيمبلي جي فلور آواز اٿاريو ويندو.

شهريار مهر چيو ته پ پ جي حڪومت سنڌ اندر امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، خالد محمود سومور جو قتل تمام وڏو سانحو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*