انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ رچرڊسن بائونسرز تي پابندي واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ رچرڊسن بائونسرز تي پاپندي واري امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪرڪيٽ ۾ بائونسرز کي وڌيڪ محدود نٿو ڪري سگهجي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هيڊ ڪوارٽر دبئي۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊيوڊ رچرڊسن جو چوڻ هو ته فلپ هيوز جو واقعو نهايت افسوس جوڳو آهي، پر ان باوجود بائونسرز تي پاپندي جو ڪوبه امڪان نه آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ان کان پهرين ڪيترن ئي ڪرڪيٽرز کي سيني تي بال لڳڻ سبب  موت ٿي چڪو آهي، ان سموري صورتحال ۾ شديد ردعمل ڪرڻ بجاءِ کين اهو ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو اسين ڪري سگهون ٿا.

بائونسرز تي وڌيڪ پاپندي مڙهڻ  واري سوال تي ڊيوڊ رچرڊسن جو چوڻ هو ته ان بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر اهو ڪرڻ مشڪل هوندو.

واضح رهي ته ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بالرز کي هڪ اوور ۾ ٻه ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ هڪ بائونسر هڻڻ جي اجازت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*