انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير ۽ اڳوڻي آمريڪي ايجنٽ ايڊورڊ سنوڊين کي ايوارڊ سان نوازيو ويو

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عاصمه جهانگير ۽ اڳوڻي آمريڪي ايجنٽ ايڊورڊ سنوڊين سميت 5 شخصيتن کي سئيڊن ۾ رائيٽ لائيولي هوڊ آنرري ايوارڊ سان نوازيو ويو، جنهن کي نوبل پرائيز جي برابر سمجهيو ويندو آهي.

انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نامياري شخصيت عاصمه جهانگير، ايشيئن هيومن رائٽس ڪميشن باسل فرنانڊو ۽ ماحولياتي گدلاڻ خلاف ڪم ڪندڙ آمريڪي سائنسدان بل مِڪ ڪَين کي رائيٽ لائيولي هوڊ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم ۾ تقريب دوران ايوارڊ آمريڪي جاچ اداري جي اڳوڻي ايجنٽ ايڊورڊ سنوڊين ۽ برطانوي اخبار گارجين جي ايڊيٽر ان چيف ايلن راس برگر کي به گڏيل طور ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ايڊورڊ سنوڊين کي جمهوري قدرن جي واڌ ويجهه ۽ آئيني حقن جي فراهمي لاءِ جاکوڙڻ تي ايوارڊ مليو، جڏهن ته سنوڊين پاران فراهم ڪيل دستاويزي ثبوت اخبار ۾ ڇپڻ تي غير معمولي حوصلي سبب گارجين جي ايڊيٽر کي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

تقريب دوران سنوڊين جو ايوارڊ سندس والد لوني سنوڊين وصول ڪيو، سندس چوڻ هو ته پٽ جي جلاوطني سبب هو ڏک ۾ ورتل آهن پر هن جي حوصلي تي کين فخر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*