نوجوانن کي گهرجي ته هو سوپاري ۽ گٽڪي کان پاسو ڪن سکرصحت جي حوالي سان سيمينار

صحت کاتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته رُڳو احتياط ئي ڪئنسر جهڙي موتمار مرض کان بچائي سگهي ٿو، ڪئنسر جي بچاءِ لاءِ آخري حد تائين وڃڻو پوندو، جنهن لاءِ هر شهري کي ڪئنسر جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو.

سکر جي گورنمينٽ اسلاميه اينڊ سائنس ڪاليج ۾ انڊس بائيولاجيڪل سوسائيٽي پاران”  نوجوان نسل کي صحت جي خطرن” جي عنوان هيٺ سيمينا ڪوٺايو، جنهن ۾ شاگردن توڙي سول سوسائيٽي پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.

ان موقعي تي ماهرن خطاب ڪندي چيو ته نوجوان قوم جو سرمايو هوندا آهن، جن کي گهرجي ته هو سوپاري، گٽڪي ۽ سگريٽ نوشي کان پاسو ڪن، جنهن سبب وات جو ڪئنسر ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*