آسٽريلوي ٽيم جي مرحوم نوجوان بيٽسمين فلپ هيوز جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون

 آسٽريلوي ٽيم جي مرحوم نوجوان بيٽسمين فلپ هيوز جون آخري رسمون سندس آباڻي شهر ميڪس ول جي هڪ اسڪول ۾ ادا ڪيون ويون.

شيفل شيلڊ جي هڪ ميچ دوران جڏهن فلپ هيوز جو اسڪور 63 هو ته کيس نيوسائوٿ ويلز جي فاسٽ بالر شان ايبٽ جو بائونسر لڳو جنهن سبب سندس موت واقعي ٿيو.

اڄ فلپ هيوز جي آخري رسمون سندس آباڻي شهر ميڪس ول جي هڪ اسڪول ۾ ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ سميت سڀني ٽيم ميمبرن سان گڏ سندس مداحن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

فلپ هيوز آسٽريلوي ٽيم پاران 26 ٽيسٽ ميچز ۾ ٽن سنچرين ۽ ست ففٽين جي مدد سان 1535 رنز اسڪور ڪيون ،جڏهن ته 25 ون ڊي ميچز ۾ ٻن سنچرين ۽چار ففٽين جي مدد سان 826 رنز اسڪور ڪيون.

فلپ هيوز پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ پڻ کيڏي.

فلپ هيوز گڏيل عرب امارتن ۾ قومي ٽيم خلاف منعقد ٿيل سيريز ۾ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ آسٽريلوي ٽِيم جي نمائندگي ڪئي.

فلپ هيوز کي مائيڪل ڪلارڪ جو جانشين چيو ويو هو، سندس وفات تي سڀني کان وڌيڪ ڏک آسٽريلوي ڪپتان کي ٿيو ،جيڪو مختلف وقتن تي پنهنجا ڳوڙها نه روڪي سگهيو۽ روئيندو رهيو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*