آخرڪار 12 سالن کانپوءِ شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ گڏ فلم ۾ جوهر ڏيکاريندا

آخرڪار 12 سالن بعد بالي ووڊ فلم انڊسٽري جا مشهور اداڪار  شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ گڏ اچي رهيا آهن فلم چلتي ڪا نام گاڙي مين ..

ڀارتي فلم انڊستري جي 1958 ۾ ٺهيل مشهور فلم چلتي ڪا نام گاڙي جو ريميڪ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڳچ وقت بعد اداڪار شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ ڪشور ڪمار ۽ مڌهو بالا جي روپ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا فلم ڊائريڪٽر روهيٽ شيٺي جو چوڻ آهي ته هي فلم جو ريميڪ فلم چلتي ڪا نام وانگر ڪامياب ٿيندو. واضع رهي ته اداڪار شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ فلم جوش ، محبتين ، ۽ ديوداس ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ سندن جوڙي  فلم انڊسٽري جي ڪامياب جوڙي تصور ڪئي ويندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*