سراج الحق اپوزيشن ۽ حڪومت جي گڏيل درخواست تي عمران خان سان اهم ملاقات ڪري رهيو آهي

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جو ماحول سازگار ٿيڻ جا هر طرف کان اشارا ملي رهيا آهن ۽ اڄ جماعت اسلامي جو سربراهه سراج الحق اپوزيشن ۽ حڪومت جي گڏيل درخواست تي عمران خان سان اهم ملاقات ڪري رهيو آهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي مشاورت جي سلسلي ۾ جيڪو اجلاس ٿيو، ان دوران جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سان به رابطو ڪيو ويو ۽ کيس درخواست ڪئي وئي ته هو تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري کيس راضي ڪري ته هو ڳالهين جي ميز تي اچي.

سراج الحق حڪومت ۽ اپوزيشن جي اهڙي درخواست کي قبولي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ هو اڄ عمران خان سان اهم ملاقات ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*