ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل دنيا جي بدعنوان ملڪن جي لسٽ پڌري ڪري ڇڏي پاڪستان جي درجي ۾ هڪ پوائنٽ جي بهتري

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل دنيا جي بد عنوان ملڪن جي لسٽ پڌري ڪئي آهي، پاڪستان جي درجي ۾ هڪ پوائنٽ جي بهتري آئي آهي ۽ ڪرپشن جي درجه بندي ۾  پاڪستان جو  50 هون نمبر آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل  جي فهرست موجب پاڪستان 29 پوائنٽس سان هڪ سئو 26 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت 38 پوائنٽس سان 85 هين نمبر تي آهي.

ڀارت جي درجي بندي ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ بهتري آئي آهي، جيڪو گذريل سال 36 پوائنٽ سان 94 نمبر تي هو.

لسٽ ۾ چيو ويو آهي ته اقتدار جو  غلط استعمال، ڳجها سودا ۽ رشوت خوري عالمي سطح تي معاشرن کي برباد ڪري رهي آهي.

ڏکڻ ايشيا ۾ افغانسان جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب ٻڌائي وئي آهي، جنهن کي ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي لسٽ ۾ 12 پوائنٽس مليون آهن، جيڪو بد عنوان ملڪن جي لسٽ ۾ 172 هين نمبر تي آهي.

لسٽ موجب 100 پوائنٽس وارن ملڪن کي بد عنواني کان پاڪ سمجهيو ويندو آهي، لسٽ ۾ شامل 175 ملڪن مان 2 ڀاڱي ٽي ملڪ 50 پوائنٽس کان هيٺ آهن.

ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل جي لسٽ ۾ ڊيم مارڪ پهرين نمبر تي، جڏهن ته نيوزيلنڊ ٻئي ۽ فن لينڊ 3 نمبرتي آهي.

لسٽ ۾ صوماليا ۽ اتر ڪوريا آخري نمبر تي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*