ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي آصف زرداري يا نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز بند نه پيا ڪيا وڃن سعيد احمد

نيب جي ڊپٽي چيئرمين سعيد احمد سرگانه چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري يا وزير اعظم ميان نواز شريف خلاف ڪيس ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي بند نه پيا ڪيا وڃن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب جي ڊپٽي چيئرمين سعيد احمد چيو ته ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي آصف زرداري يا ميان نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز بند نه پيا ڪيا وڃن.

هن چيو ته بينظير ڀٽو جي جيولري بابت ڪيس حڪومت وٽ آهي، نيب وٽ نه آهي ۽ نيب مٿان ڪنهن به ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ نه آهي.

هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف خلاف ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهن، نيب ميرٽ تي انهن ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*