سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بئنچ صحت کاتي جي ٻن ڪوآرڊينيٽرز کي هٽائڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو صحت کاتي جي ٻن ڪو آرڊينيٽرز کي هٽائڻ وارو حڪم معطل ڪندي سيڪريٽري هيلٿ ۽ چيف سيڪريٽري کان 4 فبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت 11 نومبر تي هٽايل فيملي پلاننگ اينڊ پرائمري هيلٿ لاڙڪاڻي ۽ دادو سينٽرز جي ڪوائڊينيٽرز امداد سيال ۽ ڊاڪٽر سڪندر جمالي جي داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف سيڪٽري ۽ سيڪريٽري هيلٿ بنا ڪنهن جواز جي لاڙڪاڻي ۽ دادو صحت کاتي جي ٻن ڪواڊينيٽرز کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت ٻنهي عملدارن کي هٽائڻ وارو حڪم معطل ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري هيلٿ کان 4 فيبروري تائين جواب طلب ڪندي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*