پاڪ فوج جو ساليانو نشاني بازي وارو مقابلو جهلم ڀرسان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آءِ ايس پي آر

پاڪ فوج جو ساليانو نشاني بازي وارو مقابلو جهلم ڀرسان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جوانن جي نشاني بازي ۽ مهارت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تربيت فوجي جوانن جي پيشيوراڻي ترقي جو اهم جزو هوندي آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 2 هفتن تائين جاري رهندڙ جهلم ۾ پاڪ فوج جي ساليانه نشاني بازي وارو فائرنگ رينج مقابلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، تقريب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف خاص مهمان هو، جنهن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ جوانن ۾ انعام ورهايا.

آءِ ايس پي آر موجب جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج ۾ جوانن کي تربيت ڏيڻ جو هڪ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جو مقصد جوانن ۾ فائرنگ جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي.

آرمي چيف جو اهو به چوڻ هو ته تربيت فوجي جوانن جي پيشيوراڻي ترقي جو اهم جزو هوندي آهي، جنهن سان جوانن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو آهي.

فائرنگ رينج جي مقابلي ۾ جوانن پاران رائيفل، شارٽ گن ۽ ٻين هٿيارن سان نشانا چُٽيا ويا.

تقريب جي پڄاڻي تي آرمي چيف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ جوانن ۾ انعام ورهايا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*