لنڊن جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الطاف حسين جي ضمانت ۾ اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي

لنڊن جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس مني لانڊرنگ  ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي ضمانت ۾ اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

الطاف حسين جي لنڊن واري گهر تي ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ ڪرنسي نوٽ هٿ اچڻ بعد سندس خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاچ شروع ڪري ڏني هئي.

ڪيس ۾ هڪ ڀيرو الطاف حسين کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي به رکيو ويو، جنهن بعد کيس ڊسمبر تائين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

اڄ ايم ڪيو ايم سربراهه جي ضمانت ۾ ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي، هن ڀيري سندس ضمانت ۾ اپريل تائين واڌ ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*