گذريل ڏينهن حيدرآباد ڀرسان هٿ آيل ٻوري بند لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

گذريل ڏينهن حيدر آباد ڀرسان هٿ آيل ٻوري بند لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش تي تشدد ۽ مٿي ۾ گوليون لڳل آهن.

گذريل ڏينهن شورا ڳوٺ واري علائقي مان هڪ واهه مان ٻوري ۾ بند لاش هٿ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال آندو.

قانوني ڪارروائي بعد لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي، جنهن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش 40 سالن کان وڌيڪ واري شخص جو لڳي ٿو، سندس جسم تي تشدد جا نشان واضح آهن ۽ کيس مٿي ۾ گوليون به لڳل آهن.

پوليس موجب لڳي ايئن ٿو ته همراهه کي جوابدارن اغوا بعد تشدد ڪري قتل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*