پوليس ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته سنڌ حڪومت متحده ۽ مهاجر دشمني تي لهي آئي آهي، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي ، پوليس ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.

نائن زيرو تي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وسيم اختر چيو ته خبر ناهي سنڌ ۾ ڪهڙو نظام هلي رهيو آهي ۽ ڪراچي واسين کي نوڪرين ۾ مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

وسيم اختر چيو ته پوليس ۽ تعليم کاتي ۾ گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود ڪراچي واسين کي نوڪريون نه پيون ملن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀئي حدون پار ڪري وئي آهي، پ پ وارا رڳو پنهنجي ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهيا آهن.

وسيم اختر چيو ته سنڌ ۾ 98 سيڪڙو آبادي کي ميرٽ جي نالي تي بي وقوف ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت متحده ۽ مهاجر دشمني تي لهي آئي آهي، ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي ، پوليس ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*