پاڪستان جو ڪرڪيٽ ۾ مسقبل روشن آهي ڪپتان مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ڪرڪيٽ ۾ مستقبل روشن آهي ۽ هو نوجوانن جي پرفارمنس ۽ٽيئلنٽ مان تمام گهڻو متاثر آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس پنهنجي ٽيم جي هر رانديگرن مٿان مڪمل اعتماد آهي ۽ هو ڪنهن به ڪنڊيشنز ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم وٽ هن وقت اسد شفيق، اظهر علي ، سرفراز احمد، احمد شهزاد ۽ ياسر شاهه جي صورت ۾ نوجوان رانديگر موجود آهي، جيڪي ايندڙ 9 کان 10 سالن تائين ملڪ جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا.

مصباح الحق وڌيڪ چيو ته ٽيم جي سمورن رانديگرن جي خواهش آهي ته هو پنهنجي ملڪ جي گرائونڊز تي ڪرڪيٽ کيڏي سٺي پرفارمنس جو مظاهرو ڪن پر بدقسمتي سان سيڪيورٽي صورتحال سبب ايئن ٿيڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.

مصباح الحق جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن سالن کان ٽيم گڏيل عرب امارتن ۾ سيريز کيڏي رهي آهي ۽ هتي جي حالتن ۾ ٽيم ايڊجسٽ ٿي چڪي آهي پر هو گهڻو پراميد آهي ته جلد ملڪ ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ٿيندي.

ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي جواب ڏيندي  مصباح الحق چيو ته پي سي بي ان حوالي سان بهتر ڪوششون ڪري رهي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*