سنڌ مڪاني چونڊن ۾ مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب

BDelection-logo

مڪاني چونڊن لاءِ سنڌ جي 8 ضلعن ۾ پولنگ عمل جاري آهي، مختلف ضلعن ۾ ڪيترائي اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، ڪجهه ضلعن ۾ يوسيز مڪمل طور ان اپوز ٿيل آهن.

 جيڪب آباد جي 11 يونين ڪائونسلز تي چيئرمين  ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب آهن، جڏهن ته 7 يوسيز تي ضلعي ڪائونسل جا ميمبر بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهن.

 يوسي بقاپور تي ضلعي ڪائونسل ميمبر لاءِ پ پ جو اسرار جکراڻي، يوسي ناوڙا  تان مجيب الرحمان جکراڻي، يوسي جاني ديرو تان سجاد جکراڻي، يوسي مولا داد تان نورالرحمان جکراڻي، يوسي قادپور تان قادر بخش کوسو، يوسي محمد پور تان محمد پناهه اوڍو، يوسي ڪريم بخش تان محمد اسماعيل کوسو، يوسي ملوئي تان شفقت جکراڻي.

 يوسي ڳڙهي حسن تان محمد حنيف کوسو، ڪوٽ جمبو تان نديم جمبو، يوسي بختياپور تان عبدالجليل بجاراڻي، يوسي رانجهاپور تان قادر ٻرڙو، يوسي جهانگي واهه تان لياقت علي.

 يوسي جاڙيون تان محسن سرڪي، يوسي توج تان  جي يو آءِ جو شفقت حسين کوسو، يوسي دين پور تان فهد کوسو ، يوسي جهانپور تان نويد احمد اوڍو ۽ يوسي الهه آباد تان غلام نبي جمالي   بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهن.

مڪاني چونڊن لاءِ قمبر شهدادڪوٽ ۽ خيرپور ضلعي ۾ ڪابه يوسي اهڙي ناهي جيڪا بنا مقابلي ان اپوز ٿي هجي، جڏهن ته  خيرپور مان 51 اميدوار بنا مقابلي ڪاماب آهن ۽ قمبر ضلعي مان ڪجهه اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*