اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب جَي 20 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جَي پهرين مرحلي لاءِ پولنگ دوران عوامي شڪايتن لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم

Election Commisioon

اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب جَي 20 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جَي پهرين مرحلي لاءِ پولنگ دوران عوامي شڪايتن لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ووٽرز جَي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي اٺ ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾  مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ پولنگ دوران شڪايتي سيل قائم ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ووٽرز جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن چيو ته پولنگ دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ فوج انتظاميا جي مدد لاءِ مقرر آهي، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*