اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ قائم مانيٽرنگ روم ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي هنڌن تاءُ شڪايتون

elecation-commiction22-8

اليڪشن ڪميشن پاران مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي شڪايتون مليون آهن ته پولنگ اسٽيشنز تي رينجرز مقرر ڪيو وڃي،  چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو آهي ته  ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ بدران ريٽرننگ آفيسر ملڪ جي مفاد وٽان ڪم ڪن.

اليڪشن ڪميشن پاران اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ روم قائم ڪيو ويو آهي، جتي فون ۽ فيڪس ذريعي شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا اسلام آباد جي مانيٽرنگ روم جو دورو ڪيو، جتي کيس انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي شڪايتون ملي رهيون آهن ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي، ان شڪايتن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر هدايت ڪئي ته ڪنهن هڪ پارٽي جي حمايت ڪرڻ بدران ريٽرننگ آفيسر ملڪي مفاد وٽان ڪم ڪن ۽ انتظاميه سمورن اميدوارن لاءِ هڪجهڙو ميدان فراهم ڪري.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته صوبائي حڪومتون سياسي وابسطگي کان مٿانهون ٿي ڪري مڪاني چونڊن جي شفافيت يقيني بڻائين، جڏهن ته مبصر، اميدوار ۽ ميڊيا شفاف چونڊن لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*