ٺل جي وارڊ 9 تي نواز ليگ اميدوار ۽ يوسي غلامون تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار مخالف اميدوارن تي ڌانڌلين جو الزام هڻندي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

thul-jahro

ٺل جي وارڊ 9 تي نواز ليگ اميدوار صغريٰ لاشاري ۽ يوسي غلامون تي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار نثار کوسو مخالف اميدوارن تي ڌانڌلين جو الزام هڻندي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ٻنهي اڳواڻن حامين سميت پريس ڪلب ۽ آر او آفيس اڳيان احتجاج ڪيو.

يونين ڪائونسل غلامون تي ضلعي ڪائونسل جي آزاد اميدوار نثار کوسو مخالف اميدوار تي ڌانڌلين جو الزام مڙهيندي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 9 تي نواز ليگ اميدوار صغريٰ لاشاري به مخالف اميدوار تي حامين ذريعي ڌانڌليءَ جا الزام مڙهيندي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو.

صغريٰ لاشاري ۽ نثار کوسي پنهنجي حامين سميت پريس ڪلب ۽ آر او آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

ٻنهي اميدوارن الزام مڙهيو آهي ته پيپلز پارٽي وارا پنهنجي حامين ذريعي ڌانڌلي ڪري آهن ۽ پوليس سندن ساٿاري بڻيل آهي.

هنن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ چونڊ عمل ۾ حصو وٺي نٿو سگهجي، اليڪشن ڪميشن کي ڌانڌلين جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*