پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري جي مجاهد ميراڻي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو

bilawal-vote

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، پولنگ اسٽيشن تي بلاول جي آمد کان اڳ روبينا قائمخاني ۽ محمد علي ڀٽو جي پهچڻ تي پ پ ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ چار جي پولنگ نمبر هڪ تي پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري جي پهچڻ کان اڳ پولنگ اسٽيشن ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪري سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا.

بلاول ڀٽو زرداري پولنگ اسٽيشن تي پهچڻ وقت ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جنهن بعد هــُن ڪارڪنن ۽ سڪيورٽي جي سخت پيهه ۾ پولنگ بوٿ پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري پولنگ اسٽيشن اندر پنهنجي سڪيورٽي ٽوڙي ڪارڪنن سان مليو ۽ ساڻن گڏ فوٽو به ڪڍرايا، جڏهن ته ڪارڪنن جي نعرن جا جواب به ڏنا.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي آمد کان اڳ ايم پي اي محمد علي ڀٽو ۽ روبينا قائمخاني پولنگ اسٽيشن پهتا ته پ پ شهيد ڀٽو ۽ پ پ ڪارڪنن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي.

پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن جي سخت اعتراضن بعد پوليس پولنگ اسٽيشن اندر ٻنهي ايم پي ايز جي غير واسطيدار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي صورتحال تي ضابطو آندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*